Sindhi Sindh CCE Paper 2024

SINDH PUBLIC SERVICE COMMISSION, HYDERABAD
COMBINED COMPETITIVE EXAMINATION-2024
General Paper in Sindhi
Tuesday, 23rd December, 2025.
Time: 02:00 p.m. to 05:00 p.m. Maximum Marks 100
Note: Attempt five questions, Question No.1 is compulsory. All Questions carry equal marks.
سوال1. هٺين مان ڪنهن به هڪ تي سهڻي سنڌي ۾ مضمون لکو:
i موجودھ دور ۾ اخلاقي قدرن جو زوال
ii ڇا مصنوعي ذهانت انسان لاءِ تباهي جو سبب بڻجندي؟
iii سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل
iv ڇا سنڌي صحافت عوامي مسئلن جي نمائندگي ڪري ٿي؟
v ماحولياتي تباهي، انسان ذات لاءِ وڏو چئلينج
سوال2. هٺين مان ڪنهن به ٻن بندن ۾ ڏنل فڪر، پيغام ۽ فلسفي تي روشني وجهو؟
1 سانئون گھڙي سهڻي هلي سري سڄاري
تن وڏائين تاري، ايواج جي اڙي
محبتي ماري ڪونهي داد دريا ۾
2 سڀ روحاني ساميون، جسمي جاهلن
پکين مچي من ۾، پارس پسن کين کي
3 مائي پور ۾ ميڙو ناهي سڀ جيون
جيون گل ڳاڙهيون، جيون ڳاڙها گل اٿل
4 دارون لاء ڪارون، آلوڻ ڪنڊي وڃ ڪپ
پکي ڏيندم پاڇو جي، نهاري نارون
جن جون سين لهن سارون، تن تان ڊپڙو ڊور ٿئي
5 پڙم فجر ٻانگ جيلهن، اندر جو آواز
اسر ويل الي ڪري، جو چيڙيم صبح ساز
رات سمورو راز، اونده عشق اجاريو
سوال3 (الف) هٺين مان ڪنهن به ٻن تي نوٽ لکو ۽ گھٽ ۾ گھٽ هڪ مثال ڏئي واضح ڪريو؟
(I) اسم حاليه (II) اسم استقبال (III) اسم مفعول (IV) اسم فاعل
(ب) ڪي به پنج مروج پهاڪا لکي انهن جي سمجھاڻي ڏيو.
سوال4. شيخ اياز جي شخصيت ۽ شاعري جو جائزو پيش ڪريو.
سوال5. سنڌي صورتخطي جا ڪهڙا اهم مسئلا آهن؟ تفصيل سان لکو.
سوال6. شاهه عبداللطيف جي شاعري، فڪر ۽ فلسفي مان سندس “سماج سڌارڪ” هئڻ جو پهلو نروار ڪريو ۽ انسان جي ڪردار سازيءَ جي مختلف جهتن کي سندس بيتن جا حوالا ڏيئي واضح ڪريو؟
سوال 7. (الف) هٺين فقري کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريو.
“Yes, every situation is unique and different in some way. But in another sense, at bottom, challenges and problems are very similar. The key note does not lay in the circumstance it lie in the space between stimulus and response- that is, in the circumstance and your response to it. This is where your freedom to choose belongs. If you use this freedom wisely and base your choices on principles, you will get success”.
(ب) هٺين فقري کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪريو.
• آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي معاشي سرگرمي پوکي راهي هوندي هئي، جتي به گھڻو پاڻي هوندو هو، ماڻهو اتي گھر ٺاهي رهندا هئا. هيءَ چوڻي به ان دور جي آهي ته “جتي هِير، اتي گير” اها چوڻي ان زرعي دور جي سماجي روين جي پرپور عڪاسي ڪري ٿي. واپار به ان دور جو اهم اسم رهيو آهي، جيڪو سنڌو درياءَ ۽ سمنڊ رستي سفر ذريعي ٿيندو هو ۽ سنڌي ماڻهو ڏيساور ويندا هئا.
**********************

7 Views