SINDH PUBLIC SERVICE COMMISSION, HYDERABAD.
Combined Competitive Examination, 2023
Sindhi Literature
Combined Competitive Examination, 2023
Sindhi Literature
Wednesday 23rd April, 2025.
Time: 02:00 p.m. to 05:00 p.m. Maximum marks. 100
Note Attempt any five questions. All questions carry equal marks.
Time: 02:00 p.m. to 05:00 p.m. Maximum marks. 100
Note Attempt any five questions. All questions carry equal marks.
سوال نمبر 01. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ ڄم بنياد بابت مختلف عالمن جي نظرين جو جائزو وٺي، وڌ ۾ وڌ مدلل، سائنسي ۽ منطقي نظريي جي حق ۾ دليل پيش ڪريو.
سوال نمبر 02. “ڪيڏارو” وڙهه ۽ مزاحمت جي شاعريءَ جو قسم آهي. شاهه لطيف ۽ خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري ۾ ڪهڙيون هڪ جهڙايون ۽ فرق آهن؟ تقابلي جائزو پيش ڪريو.
سوال نمبر 03. هيٺين مان ڪنهن به هڪ ادبي تحريڪ جي تاريخ، پس منظر ۽ سنڌي ادب ۾ روايت تي روشني وجهو.
- تصوف 2. عورت آزاد 3. جديت پڇاڻان (مابعدجديديت)
سوال نمبر 04. سنڌي شاعريءَ جون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون صنفون آهن؟ ڪن به ٻن جي فن ۽ فڪر تي مثالن سان لکو.
سوال نمبر 05. ‘بلو دادا’، ‘پشو پاشا’ ۽ ‘شيدو ڌاڙيل’ پنهنجي دور جا شاهڪار افسانا هئا ۽ اڄ به پڙهندڙن ۾ مشهور آهن. انهن ڪردارن جي وسيلي افسانا نگارن پڙهندڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟
سوال نمبر 06. ‘سنڌ جو لوڪ ادب انساني سماج جي اعليٰ قدرن جي پرپور عڪاسي ڪري ٿو.’
مٿين راءِ کي مثالن سان ثابت ڪريو.
مٿين راءِ کي مثالن سان ثابت ڪريو.
سوال نمبر 07. هائيڪو جو پسمنظر ۽ فني جوڙجڪ بيان ڪريو. هائيڪو جي گهاڙيٽي ۾ شيخ اياز جي ڪيل تجربن تي مشتمل روشني وجهو.
سوال نمبر 08. هيٺين مان ڪنهن به ٻن ڪتابن جو تنقيدي جائزو، ڪتابن مان ڪجهه مثال ڏئي لکو.
- مقدمه لطيفي 2. سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر
- رھجي ويل منظر 4. زينت
**********************
8 Views